راهوجو ذوالفقار

راهوجو، ذوالفقار: مشهور نفسياتي ماهر، اديب ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو پهرين جولاءِ 1960ع تي ڳوٺ راهوجا، تعلقي قنبر ۾ حاجي شاهه محمد راهوجي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ 1976ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول قمبر مان، انٽر 1978ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان، ايم. بي. بي. ايس 1986ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. کيس 1990ع ۾ صحت کاتي ۾ نوڪري ملي، جنهن بعد چانڊڪا اسپتال جي نفسيات شعبي ۾ ڊاڪٽر مقرر ٿيو. 96-1995ع ۾ نفسياتي طب ۾ هڪ سال جي ڊپلوما ٽريننگ ورتائين. ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو ڪيترو ئي عرصو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ شعبي علم ڪيميا (بايو ڪيمسٽري) ۾ درس تدريس سان لاڳاپيل آهي. هي انساني حقن جي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل پاڪستان جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري، مرڪزي نائب صدر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو. ان کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي ۽ محبت اڪيڊمي قمبر سنا پڻ سلهاڙيل آهي. هن لطيف ادبي اڪيڊميءَ جو بنياد رکيو. جنهن پاران هن ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا. ذوالفقار راهوجو، 1983ع ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ هلايل تحريڪ ايم. آر. ڊي دوران ساڍا نوَ مهينا سينٽرل جيل سکر ۽ ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻي ۾ قيد رهيو. سندس هڪ ڪتاب ’اقليتن جا حق‘ لبرل فورم پاڪستان پاران ڇپيل آهي. هن جو هڪ ناٽڪ ’ڪنڊو‘ ڪي. ٽي. اين تان 2005ع ۾ نشر ٿيو. ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.07.01  عيسوي

مشهور نفسياتي ماهر، اديب ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو پهرين جولاءِ 1960ع تي ڳوٺ راهوجا، تعلقي قنبر ۾ حاجي شاهه محمد راهوجي جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارباب ڇڄڙو
ڀٽو مولا بخش مسڪين
قاضي نظر محمد
چاچڪ شيخ مغل
جالوت
آغا روشن علي پٺاڻ
ڄام لکپت
ارشد محمود
صوف فقير
محمد عباس سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون